SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Zones of Peace - Zones of Turmoil

(click word to listen sound
  • 🔊
  • zounz
  • ɔf
  • piːs
  • zounz
  • ɔf
  • təːmɔil
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Zones of Peace - Zones of Turmoil

زونز آف پيس/ زونز آف ٽرمائل

امن ڀريا علائقا- وڳوڙي علائقا

”ٿڌي ويڙهه“ کان پوءِ جو هڪ پرياءُ يا تصور، جيڪو پهريون ڀيرو عالمي سياست جي ماهرن ’سِنگر‘ ۽ ’وِلادوسڪي‘ 1993ع ۾ ڏنو، جنهن تصورمطابق دُنيا کي ٻن مُک گروپن ۾ ورهايو ويو. منجهانئن جيڪي ملڪ هڪٻئي سان اختلاف رکندي به دُشمنيءَ وارا رويا نه رکن ۽ جمهوري حڪومتن جو قيام ، معيشيت جو مُوڙي-واد سرشتو ۽ اهڙو انتظامي نظام بحال رکن، جنهن سبب علائقي ۾ امن، سلامتيءَ ۽ ڀروسي جو ماحول موجود هُجي ، ته انهيءَ گروپ کي ”امن وارا علائقا“ سڏجي ٿو. اِن دائري ۾ اُترآمريڪا، اولهه يورپ، جاپان، اوڀر ايشيا جو هڪ حصو ۽ آسٽريليا وغيره اچي وڃن ٿا. اهي مُلڪ هڪٻئي سان تڪرارن ۾ اُلجهيل نه هُجڻ ڪري ، جرمن ڏاهي امانوئيل ڪانٽ، جي نظريي ”جمهوريت پسند مُلڪ هڪٻئي سان نه وڙهندا آهن“ واري خيال جي ساڀيان ڪن ٿا. ان جي ابتڙ ”وڳوڙ وارن علائقن“ ۾ اُهي مُلڪ ڳڻيا وڃن ٿا، جن جي هڪٻئي سان لاڳاتار ڇڪتاڻ موجود رهندي هُجي . اِهي مُلڪ انفرادي مُفادن کي ترجيح ڏيندي , ڪنهن نه ڪنهن ڦڏي فساد جو حصو بڻيا رهن ٿا. انهن علائقن ۾ ايشيا، آفريقا، مرڪزي ۽ اوڀر يورپ ۽ عرب دُنيا جا ملڪ اچي وڃن ٿا. اهي مُلڪ آپيشاهي حُڪومتن ، بدعُنوان معاشي پاليسين ۽ بدانتظاميءَ جي ڪري عدم تحفظ ۽ غير يقينيءَ جو شڪار آهن. انهيءَ ڪري گهرو لڙايون، سياسي دُشمنيون ۽ سازشون سندن اقتداري وهنوار جو اڻ ٽٽ حصو ۽ مقدربڻيل آهن. منجهانئن ڪيترا مُلڪ وسيلن ۾ امير هُئڻ ۽ فطري يا تاريخي طور تي وڌيڪ سُکيا هُئڻ باوجود، سدائين گهرو يا ٻاهرين تڪرارن جو شڪار رهندا پيا اچن


Remember Me Also:

نعل بند

نَعلُ بَندُ جمع نَعلُ بَندَ

ذ . صفت. نعل هڻندڙ (گهوڙي وغيره کي) نال هڻندڙ، سِلوتري، لوهار.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal